رفسنجاني علي اڪبر هاشمي

رفسنجاني علي اڪبر هاشمي

رفسنجاني علي اڪبر هاشمي

رفسنجاني، علي اڪبر هاشمي: ايران جو مشهور سياستدان ۽ 1997ع-1989ع تائين ايران جو صدر رفسنجاني علي اڪبر هاشمي 1934ع ڌاري رمان صوبي جي رفسنجان شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم مقامي مدرسي مان ورتي ۽ پوءِ قم شهر جي ديني مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان روح الله آيت الله خمينيءَ جي شاگرد جي حيثيت سان گريجوئيشن ڪري حجة الاسلام بڻيو. هي به پنهنجي استاد وانگر محمد رضا پهلويءَ جي حڪومت جي خلاف هو. آيت الله خمينيءَ جي ملڪ بدريءَ کان پوءِ هي ڪافي موقعن تي گرفتار ٿيو ۽ 77-1975ع جو عرصو جيل ۾ گذاريائين. 1979ع ۾ رضا شاهه جي معزولي ۽ خمينيءَ کي اقتدار ملڻ بعد رفسنجانيءَ کي انقلابي ڪائونسل ۾ مقرر ڪيو ويو. رفسنجانيءَ سياسي صلاحيتن جي ڪري اسلامي جمهوري پارٽيءَ جو قائد بڻيو ۽ جلد ئي ايراني پارليامينٽ ’مجلس‘ جو سربراهه به بڻيو. رفسنجاني 1989ع ۾ صدر طور اقتدار سنڀاليو ۽ 1991ع جي خليجي جنگ ۾ آمريڪا ۽ عراق ٻنهي تي تنقيد ڪئي. جنگ بعد هن اولهه سان دوستيءَ وارا رابطا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. رفسنجاني 1993ع ۾ ٻيهر صدر منتخب ٿيو، پر 1997ع ۾ عهدي تان دستبردار ٿي ويو، ڇو ته ايراني آئين مطابق صدر صرف ٻه دفعا ئي چونڊجي سگھي ٿو.


لفظ رفسنجاني علي اڪبر هاشميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو